شاهه رڪن عالم

شاهه رڪن عالم: سهروردي سلسلي جي غير معمولي ۽ وڏي روحاني هستي غوث العالمين بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي وڏي پٽ شيخ صدرالدين عارف کي خدا جي حڪم سان شيخ رڪن الدين نالي پٽ عطا ٿيو. شيخ رڪن الدين پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايو ۽ روحانيت ۾ ڪمال حاصل ڪيو. شيخ رڪن الدين جي ولادت 9 رمضان المبارڪ 649هه 20 نومبر 1251ع جمعي جي ڏينهن ٿي. سندس ڏاڏي غوث بهاء الدين سندس نالو رڪن الدين تجويز ڪيو.
شاهه رڪن عالم جي تعليم ۽ تربيت غوث بهاءُ الدين زڪريا جي نگرانيءَ ۾ ٿي. انهيءَ فيض جي نتيجي ۾ ننڍپڻ کان ئي روحانيت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. ننڍپڻ ۾ قرآن مجيد حفظ ڪري ‘حافظ قرآن’ ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ پنهنجي ڏاڏي جي قائم ڪيل مدرسي ‘البهائيه’ ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم و تربيت حاصل ڪرڻ لڳو. چئن سالن جي عمر ۾ شاهه رڪن عالم پنهنجي ڏاڏي غوث بهاء الدين زڪريا جي دستار کڻي پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏي، ان ڳالهه کي سندس والد گستاخي تصور ڪري کيس تنبيهه ڪئي، پر غوث بهاء الدين زڪريا گهڻو خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته، “انشاءِ الله هي اسانجو صحيح جانشين ٿيندو.”
شاهه رڪن عالم مس اڃا ٻارهن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو غوث بهاء الدين وصال ڪري ويو ۽ ان بعد سندس تعليم ۽ تربيت جي ذميواري سندس پيءُ شيخ صدرالدين پوري ڪئي. شيخ صدرالدين جي وفات کانپوءِ شاهه رڪن عالم، بهاءُ الدين زڪريا جي گاديءَ تي ويٺو. مسند نشين ٿيڻ کان پوءِ شاهه رڪن عالم جا ان وقت جي بادشاهن سان سٺا تعلقات قائم ٿيا، بلڪه وقت جا حاڪم سندس وڏي عزت ڪندا هئا، جن ۾ سلطان غياث الدين تغلق ۽ سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه شامل آهن. دهليءَ ۾ اڪثر هي خواجه نظام الدين اوليا رحه سان ملاقات لاءِ ويندو هو. ملتان جي حاڪم ڪشلو خان جڏهن محمد تغلق خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن محمد تغلق هڪدم انهيءَ بغاوت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ملتان ۾ قتل عام جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ هزارين ماڻهو بيگناهه قتل ڪيا ويا. انهو ظلم ڏسي شاهه رڪن عالم هڪدم محمد تغلق کي اهو قتل عام بند ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ ملتان جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو.
شاهه رڪن عالم کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن خواجه نظام الدين اوليا ۽ امير خسرو جي جنازي نماز پڙهائي. هنن ٻنهي بزرگن 725هه/ 1324ع ۾ رحلت ڪئي. ڊاڪٽر محمد نفيس پنهنجي ڪتاب ‘ملتان اور سلسله سهرورديه’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “شاهه رڪن عالم تبليغ جي سلسلي ۾ ڪجهه عرصو سنڌ ۾ رهيو ۽ پوءِ واپس ملتان هليو ويو.”
هن نامور بزرگ 7 جمادي الاول 735هه/ 11 جنوري 1335ع ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيت مطابق سندس ڏاڏي بهاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ شاهه رڪن عالم جي پٽ خواب ۾ ڏٺو ته غوث بهاءُ الدين زڪريا فرمائي رهيا آهن ته، اوهان ماڻهن قطب الاقطاب شاهه رڪن عالم کي منهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو آهي، جنهنڪري مون کي تڪليف پهچي رهي آهي. ان ڪري ترت هن جي ميت هتان ڪڍي ڪنهن موزون جڳهه تي دفن ڪئي وڃي. انهي خواب بابت سلطان فيروز شاهه تغلق کي آگاهي ڏني وئي. سلطان فيروز شاهه تغلق هڪدم قطب الاقطاب شاهه رڪن عالم جي ميت انهيءَ عظيم الشان مقبري ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جيڪو سلطان غياث الدين تغلق وڏي اهتمام سان خاص پنهنجي لاءِ ٺهرايو هو، پر زماني جي گردش سبب سلطان غياث الدين تغلق ان مقبري ۾ دفن ٿي نه سگهيو ۽ انهيءَ مقبري ۾ شاهه رڪن عالم دفن ڪيو ويو.


لفظ شاهه رڪن عالمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0649.09.09  هجري

شاهه رڪن الدين جي ولادت 9 رمضان المبارڪ 649هه 20 نومبر 1251ع جمعي جي ڏينهن ٿي. سندس ڏاڏي غوث بهاء الدين سندس نالو رڪن الدين تجويز ڪيو.


0735.05.07  هجري

شاهه رڪن عالم 7 جمادي الاول 735هه/ 11 جنوري 1335ع ۾ وفات ڪئي.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه مسعود ولهاري
تصوف
رفاعيه
صابر ولهاري ميون
ابو تراب شيخ
سهروردي سلسلو
ضياء الدين شيخ سهروردي
حسين بن منصور حلاج
سمون خليفو ابن اوڙاهه
الهام
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون